هما مير

هما مير

هما مير

هما مير: اداڪاره، ليکڪا، ڪالم نويس ۽ براڊ ڪاسٽر هما مير 14 نومبر 1970ع تي مير حامد عليءَ جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچيءَ مان ايم. بي. بي. ايس ڪرڻ کان پوءِ اردو ادب ۾ ايم. اي (ڪراچي يونيورسٽي) ۽ ايڊوانس ڪميونيڪيشن ۾ ڊپلوما (لنڊن) ڪئي. عملي زندگيءَ جي شروعات پي ٽي وي جي ڊرامي ’بھادر علي‘ ۾ چائلڊ اسٽار طور ڪئي. ان کان پوءِ ڪيترن ئي ٽيلي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪئي. سندس مشھور ڊرامن ۾: ’بارش ڪي بعد‘، ’رفتا رفتا‘، ’مون سون‘، ’عين عشق‘ ۽ ٻيا شامل آهن. پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم لکڻ سان گڏ ڪيترن ئي T.V پروگرامن جي ميزباني به ڪئي اٿس جن ۾: نيوز نائيٽ، ڊيٽ لائن سنڌ آن پي ٽي وي، نيوز مارننگ ۽ ٻيا شامل آهن. آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ جي گورننگ باڊي جي ميمبر ۽ يوٿ ڪميٽي آرٽ ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي چيئرپرسن طور ڪم ڪري رهي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’يه هين طلعت حسين‘ (اداڪار طلعت حسين جي سوانح، 2018ع) ۽ ’ڪچهه اور‘ (ڪھاڻيون 2015ع) شامل آهن


لفظ هما ميرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.11.14  عيسوي

اداڪاره، ليکڪا، ڪالم نويس ۽ براڊ ڪاسٽر هما مير 14 نومبر 1970ع تي مير حامد عليءَ جي گهر ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چارو پرسو گدواڻي
نيٻراج سنگهه سوڍو ڀڳت
شيخ عبدالهادي
ديدار حسين شاهه رضوي:
امين کوسو
ڄام اوٺو جاڙيجو سمو
پلي مبارڪ اثيم
حاجي غلام حسين ميمڻ
تلوڪچند
شيخ فاضل شاهه قريشي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون